نصرت حسين ابڙو

نصرت حسين ابڙو

ابڙو نصرت حسين

ابڙو نصرت حسين: نصرت حسين ابڙو شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ مدئجيءَ ۾ پهرين ڊسمبر 1938ع ۾ ڄائو، شروعاتي تعليم پنهنجي علائقي جي اسڪول ۾ حاصل ڪيائين. ان بعد سنڌ جي سُڌ سماءُ واري کاتي ۾ ملازمت شروع ڪيائين ۽ اتان ڊائريڪٽر جي عهدي تان ريٽائر ڪيائين. نصرت حسين 22 جنوري 2004ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. نصرت ابڙي سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ سنڌ جي مختلف ماڳن ۽ شخصيتن جي باري ۾ مضمون لکيا. سندس ڪتاب ”ڪراچي روشنين جو شهر“ مشهور آهي. هن هڪ ٻيو ڪتاب ’سنڌ جا ڪالم نگار‘ جي نالي سان پڻ آهي. هن شاهه لطيف جي تڪين تي سٺو مواد جمع ڪيو هو جيڪو ڇپائي نه سگهيو، پاڻ مدئجي لڳ شاهه لطيف جي تڪئي جو سنڀاليندڙ به هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.12.01  عيسوي

ابڙو نصرت حسين: نصرت حسين ابڙو شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ مدئجيءَ ۾ پهرين ڊسمبر 1938ع ۾ ڄائو ،


2004.01.22  عيسوي

نصرت حسين 22 جنوري 2004ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد وريل شاهه
ڀوڄ سنگهه پهلاجاڻي
سيد صالح شاهه نئنگ وارو
آلو فقير
چوڌري محمد علي
عـاقـب جـاويـد
سر رابرٽ فرانسِس مُودي
ڄام گل محمد خان سهتو
الهورايو سومرو
احمد خان هيسباڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون